College Education Department سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ٽيچنگ اسٽاف جي کوٽ بحران کي منھن ڏيڻ لا۽ 1500 عارضي استاد ڀرتي ڪرڻ جي فيصلي بعد 7 مھينن لا۽ عارضي بنيادن تي 1500 ڪاليج ٽيچنگ انٽرن طور ڀرتي ڪرڻ جو اشتھار جاري.. College Education Department
انٽرنس سنڌ جي سرڪاري ڪاليجن ۾ ھر مھيني 60 ھزار فڪس مقرر ڪيل معاوضي تي ڪم ڪندا. ڪاليج ٽيچنگ انٽرن طور ڀرتي لا۽ گھٽ ۾ گھٽ تعليم 16 سالا ايجوڪيشن ھجڻ لازمي ھوندي. عمر جي حد وڌ ۾ وڌ 35 سال ۽ سنڌ جو رھاڪو ھئڻ لازمي ھوندو.
فزڪس 122، ڪيمسٽري 120 حساب98، باٽني107، زولاجي107، انگريزي190، ڪمپيوٽر سائنس 208 اردو61 ، سنڌي98، پاڪستان جو اڀياس80، اسلاميات 54ڪامرس49 فزيڪل ايجوڪيشن 6 معاشيات66 شماريات52 ايجوڪيشن28 پوليٽيڪل سائنس49 ھوم اڪنامڪس 5 شامل آھن. واضح رھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن غير فعال رھڻ سبب سنڌ جي ڪاليجن ۾ استادن جي سخت کوٽ پيدا ٿي ھئي، جنھن کي منھن ڏيڻ لاء وقتي طور انٽرنس رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. College Education Department
ڪاليج کاتي ۾ ان لائين اپلائي ڪرڻ لا۽ dgcs.gov.pk تي اپلائي ڪري سگھجي ٿو.
0 Comments